تحريڪ عدل ڪنهن جي خلاف نه پر انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ آهي: نواز شريف

لاهور (اين اين آءِ) مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جي غير رسمي مشاورتي اجلاس ۾ ملڪ جي جملي سياسي صورتحال ايندڙ عام چونڊون ۽ عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي نوازشريف جي رهائشگاهه جاتي امره رائونڊ ۾ ٿيل هن اجلاس ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق مريم نواز طلال چوڌري دانيال عزيز سينيٽر پرويز رشيد عرفان صديقي مريم اورنگزيب مصدق ملڪ سميت ٻيا شامل ٿيا ذريعن مطابق اجلاس ۾ جملي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ دوران اڳواڻن کلي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ آئينده جي حوالي سان تجويزون به ڏنيون ان موقعي تي اهو طئي ڪيو ويو ته عوامي رابطا مهم ۾ تيزي آڻڻ جي ضرورت آهي ۽ ان حوالي سان اهم فيصلا به ڪيا ويا غير رسمي مشاورتي اجلاس ۾ نوازشريف جي سرگودا ضلعي جي تعلقي ڪوٽ مومن ۾ 31 ڊسمبر تي جلسي جي حوالي سان به خيالن جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *