غير قانوني روڊ جي تعمير: شريف ڀائرن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. نيب جي بيان ۾ ٻڌايو ويو ته اجلاس ۾ 6 ريفرنس داخل ڪرڻ، چار انڪوائرين ۽ 11 انويسٽيگيشن جي منظوري ڏني وئي. نواز شريف ۽ شهباز شريف مبينا طور رائيونڊ کان شريف فيملي جي گهر تائين سال 2000ع ۾ غير قانوني ٻنهي پاسن کان روڊ تعمير ڪرائي قومي ناڻي کي لڳ ڀڳ ساڍن 12 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچايو. نيب بيان ۾ ٻڌايو ته ايگزيڪيوٽو بورڊ نندي پور اليڪٽرڪ پراجيڪٽ ۾ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر بابر اعواڻ، پاڻي ۽ بجلي واري اڳوڻي وفاقي وزير راجا پرويز اشرف، قانون ۽ انصاف واري اڳوڻي سيڪريٽري مسعود چشتي سميت ٻين خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي، مٿن الزام آهي ته انهن نندي پور پن بجلي منصوبي ۾ دير ڪئي، جنهن سبب قومي ناڻي کي 113 ارب رپين جو نقصان ٿيو. ان کانسواءِ سنڌ ليبر جي اڳوڻي سيڪريٽري نصر حيات، بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيساڻي ۽ ٻين خلاف پڻ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *