مولانا فضل الرحمان هيل پنهنجي ڏڍ تي اسلام آباد آيو هو، هن ڀيري ملا ملٽري الائنس اڳ جهڙو نه هو: شيخ رشيد

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلويز واري وفاقي وزير شيخ ر شيد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان هيل پنهنجي ڏڍ تي اسلام آباد آيو هو، هن ڀيري ملا ملٽري الائنس اڳ جهڙو نه هو. نواز ليگ مولانا فضل الرحمان کي اڳتي ڪري پنهنجا معاملا اڪلائي ڇڏيا. مولانا تمام گهڻو چالاڪ آهي پر پوءِ به سندس سياست جا ڏور رس نتيجا نڪرندا ۽ سڀ نتيجا هن جي ئي خلاف ويندا. کيس ڪا به گارنٽي نه ڪرائي وئي آهي. ڪالهه هتي هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جي جاءِ تي هجان ها ته سڀ کان پهرين نواز ليگ ۾ گروپ جوڙيان ها، پنجاب ۽ مرڪز ۾ ماڻهو ڌڙو ٺاهڻ لاءِ تيار هئا. هن چيو ته ق ليگ ن ليگ سان گڏ نه ٿي هلي سگهي پر اها پ پ سان هلي چڪي آهي، هن چيو ته ٻه ٽي مهينا خير سان گذري ويا ته عمران خان 5 سال پورا ڪري ويندو. پ پ ۽ ن ليگ اسان هٿ جي لٺ ۽ گهڙي آهن. آئون ٽي وي نه ٿو ڏسان، رڳو اخبار پڙهندو آهيان. عمران رات جو دير سان ميسيج ڪندو آهي. هن چيو ته عمران حڪومت هلائڻ لاءِ جتن ڪري رهيو آهي پر نتيجا نه پيا اچن. سندس ٽيم وٽ تجربو ناهي. هن چيو ته عمران سادو ناهي پر سمجهدار آهي، انهي ڪري انهي عهدي تي پهتو آهي، هن چيو ته شگر مافيا طاقتور آهي، انهن مون کي به ڌمڪيون ڏنيون آهن ته ايندڙ چونڊون ڪيئن ٿو کٽين؟ عمران خان اطلاعات واري وزارت جي آڇ ڪئي پر مون انڪار ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن حڪومت کي سچ ڳالهائڻ سان خطرو هوندو آهي ته آئون ميڊيا سان نه ڳالهائيندو آهيان. هن چيو ته نواز شريف ملڪ واپس نه ايندو پر شهباز شريف اچي سگهي ٿو، هو اقتدار جي راهدارين جو بادشاهه آهي. هو فيبروري مارچ يا اپريل ۾ ايندو. هن چيو ته شريف خاندان جون ملڪيتون اڳ ۾ به نيلام ٿيون هيون پر هنن واپس اچي وري حاصل ڪري ورتيون، هاڻ به وٺي ويندا. هن چيو ته حڪومت جو مدو 4 سال هجڻ گهرجي. هن چيو ته 2020ع ۾ ڪي به چونڊون ٿيندي نظر نه پيون اچن. اهو سال حڪومت ۽ عوام لاءِ به ڏکيو هوندو هن چيو ته ڪو اتحادي حڪومت کي ڇڏي نه پيو وڃي، ايم ڪيو ايم، ق ليگ ۽ جي ڊي اي کي وڌيڪ وزارتون نه ملنديون. هن چيو ته مڪاني چونڊن جي مخالفت ڪندس، اهي في الحال نه ٿيڻ گهرجن. عمران خان عثمان بوزدار سان گڏ آهي ته آئون به سندس حمايت ڪريان ٿو. 2020ع حڪومت ۽ عوام لاءِ به ڏکيو هوندو. چوڌري نثار ٺيڪ چوندو هو شريف خاندان جي تباهي جي ذميوار مريم نواز آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *