تحريڪ انصاف پاران گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد کي هٽائڻ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي صولت مرزا جي بيان کانپوءِ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد کي عهدي تان فوري هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي پي ٽي آءِ ترجمان شيرين مزاري مطالبو ڪيو آهي ته موت جي سزا ٻڌايل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن صولت مرزا جي بيان کانپوءِ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد جو عهدي تي رهڻ جو ڪوبه جواز نه ٿو ٺهي ان کي فوري وطر  تي عهدي تان هٽائي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي شيرين مزاري طرفان جاري بيان ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته صولت مرزا جي بيان جي جاچ جلد مڪمل ڪري عوام سامهون رکي وڃي ۽ گورنر جي عهدي کي غير جانبدار جاچ جي راهه رڪاوٽ نه بڻجڻ ڏنو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *