ڪترينه ڪيف ”فتور” ۾ پاڪستاني جو ڪردار نڀائيندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪترينه ڪيف فلم ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني هئڻ جو ڪردار نڀائيندي. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ڪترينه ايندڙ فلم ”فتور” ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني بڻجندي. فلم ۾ سندس هيرو اديتيه راءِ ڪپور هوندو. فلم جي ڪهاڻي نامياري اديب چارلس ڊڪنز جي ناول” گريٽ ايڪسپيٽيشنز” مان ورتل آهي. فلم ۾ ٽن ڪردارن جي ناتن تي ڪهاڻي اڳتي وڏي ٿي جيڪا هڪ ڪشميري نوجوان نور( اديتيه)، فردوس (ڪترينه) ۽ بيگم (ريکا) تي ٻڌل آهي. فلم جي شوٽنگ تيزي سان جاري آهي. ڪشمير ۾ شوٽنگ مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي نئين دهلي ۾ شوٽنگ جاري آهي. فلم ”فتور” فيبروري 2016ع ۾ رليز ڪئي ويندي. ان ۾ لارادته ۽ اجي ديوگن مهمان اداڪار طور نظر ايندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *