ڪراچي جا شهري ۽ تاجر ڪنهن به ڏوهاري تنظيم کي ڀتو يا چندو نه ڏين: ڊي جي رينجرز

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر چيو آهي ته شهري ۽ تاجر برادري ڪنهن به ڏوهاري تنظيم کي ڀتو يا چندو نه ڏين ۽ ڀتي جي پرچي ملڻ تي وفري رينجرز کي اطلاع ڪن، ڊي جي رينجرز طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڏوهاري ماڻهو ڀتي ۽ چند جي رقم سان ڪراچي ۾ امن خراب ڪن ٿا، ان سان هٿيار ۽ دهشتگردي جو ٻيو سامان خريد ڪن ٿا  ۽ مختلف علائقن ۾ پنهنجن ٺڪاڻا ٺاهن ٿا ان لاءِ شهري، تاجر ۽صنعتڪار ڪنهن به ڏوهاري تنظيم کي ڀتو، چندو، زڪوات ۽ عطيو نه ڏين ۽ انهن کي ڀتي جي پرچي ملي ته رينجرز جي هيلپ لائن 1011 تي فوري اطلاع ڏين ڊي جي رينجرز سنڌ جو چوڻ هو ته ان حوالي سان اطلاع ڏيڻ واري جو نالو صيغه راز ۾ رکيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *