بي اعتمادي رٿ: ثناءَ الله زهري اڳوڻي وزير اعظم کان مدد گهري ورتي، بي اعتمادي رٿ سازش آهي: نواز شريف

لاهور( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي وڏي وزير ثناءَ الله زهري بي اعتمادي رٿ ناڪام بڻائڻ لاءِ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کان مدد طلب ڪئي آهي. ذريعن موجب بلوچستان جي وڏي وزير ثناءَ الله زهري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان فون تي رابطو ڪيو آهي. فون تي رابطي دوران ثناءَ الله زهري سياسي صورتحال بابت آگاهه ڪيو ۽ بي اعتمادي رٿ ناڪام بڻائڻ لاءِ مدد طلب ڪئي آهي. نواز شريف چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي جي رٿ سازش آهي، سينيٽ جي چونڊ روڪرائڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ڪنهن به غير جمهوري رويي کي قبول نه ڪيو ويندو، عوامي مئنڊيٽ سندن پهرين ترجيح آهي. ثناءَ الله زهري چيو ته  بي اعتمادي جي رٿ سان ايندڙ چونڊن ۾ نقصان ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جو معاملو حل ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *