لڳي ٿو نواز شريف نٿو چاهي ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لڳي ٿو ته نواز شريف نه ٿو چاهي ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري سماجي رابطي واري سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان جي سياسي بحران تي ڳالهائيندي چيو ته ڇا وفاقي حڪومت کي فقر به آهي ته بلوچستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري سوال ڪيو ته موجوده صورتحال ۾ ڇا هڪ به وفاقي وزير بلوچستان ويو آهي، لڳي ٿو ته نواز شريف نه ٿو چاهي ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري خيال رهي ته بلوچستان ۾ وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري خلاف 14 ميمبرن بي اعتمادي واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن تي ووٽ 9 جنوري تي وڌا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *