ذاتي مفادن جي شيطاني چڪر ۾ ڦاٿل جمهوريت کي آزاد ڪرائڻ وڏو چئلينج آهي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي پاڪستان سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ذاتي مفادن جي شيطاني چڪر ۾ ڦاٿل جمهوريت کي آزاد ڪرائڻ وڏو چئلينج آهي جيستائين جمهوريت ماڻهن ۽ خاندانن جي چوڌاري ڦرندي رهندي عوام جي حڪمراني جو خواب ساڀيان نه ٿي سگهندو. عوام جي ڪنڌن تي سوار ايليٽ ڪلاس جمهوريت ۽ سياست کي پنهنجي گهر جي نوڪرياڻي سمجهي ٿي، جماعت اسلاميم لڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد ڪريرهي آهي اسان جمهوريت جي نالي تي آمريت کي مڙهڻ واري ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين چونڊون طئه ٿيل ٽائيم موجب نه ٿيون ته ملڪ سياسي بحران جي ور چڙهي ويندو ملڪ کي سياسي عدم استحڪام کان بچائڻ لاءِ وقت تي چونڊون ڪرايون وڃن پر چونڊن تي ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن. اڳوڻي وزيراعظم جو ادارن سان وڙهڻ جو اعلان جمهوريت لاءِ به نقصان وارو آهي. آمريڪا لاءِ پنهنجي افغان ڀائرن کي دشمن نه بڻائينداسين امداد لاءِ پنهنجي عزت ۽ غيرت جو سودو نه ٿا ڪري سگهون آبادگارن کي ڪمند جو اگهه نه پيو ملي ۽ نه ئي وري انهن جي مطالبن جي ڌيان ڏنو پيو وڃي ته پوءِ زراعت ڪيئن ترقي ڪندي اهڙن خيالن جو اظهار هن لنڊن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ لاهور پهچي منصوره ۾ جماعت اسلامي يوٿ جي سپريم ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ۽ جڙان والا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو . ان موقعي تي صدر جي يو آءِ يوٿ زبير احمد گوندل ۽ سيڪريٽري ميان عثمان جاويد به موجود هئا. سينيٽر سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ جماعت اسلامي اڪيلي حقيقي جمهوري ۽ پروگريسو جماعت آهي جنهن جي هر سطح جي باقاعده ۽ تسلسل سان چونڊون ٿينديون آهن جنهن ۾ امير غريب جي فرق بنا جمهوري عمل ذريعي ذميوارن جي چونڊ ڪئي ويندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *