جعلي ۽ ڪوڙو ڪيس ٺاهي عدالت جو وقت زيان ڪيو پيو وڃي: شھباز شريف

لاهور (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته مون خلاف جعلي ۽ ڪوڙو ڪيس ٺاهي عدالت جو وقت زيان ڪيو پيو وڃي. شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته آئون 7 مهينا جيل رهيس ۽ ان دوران ايف آءِ اي اختياري ٻه ڀيرا مون وٽ آيا، ايف آءِ اي جا جيڪي ڪاغذ پيش ڪيا ويا آهن اهي لنڊن ۾ پيش ڪيا ويا، هنن دنيا جي مشهور نيشنل ڪرائم ايجنسي کي اهي دستاويز ڏنا. هن چيو ته ايف آءِ اي ۽ نيب گڏجي ڪاغذ ڏنا، آئون 4 سال غريب الوطني ۾ رهيس، جيڪڏهن مون وٽ حرام جو پيسو هجي ها ته آئون پاڪستان ڇو اچان ها، ائون واپس آيس پر ٻي فلائيٽ ذريعي واپس موڪليو ويو. سندس چوڻ هو ته مون کي خبر هئي ته پرويز مشرف مون کي گرفتار ڪري سگھي ٿو، مون وٽ ٻه رستا هئا يا ته ملڪا برطانيا جي سامهون هٿ ڦهلايان ها يا وري عزت سان روزي ڪيان ها. ان موقعي تي ايف آءِ جي وڪيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا شهباز شريف جو اهو بيان حتمي بيان هو جنهن تي شهباز شريف چيو ته ائون عدالت سان مخاطب هيس اوهان سان نه. شهباز شريف جي وڪيل عطا تارڙ چيو ته اوهان اسان کي نه سيکاريو اسان عدالت سان ڳالهائي رهيا آهيون، عطار تارڙ جي جواب تي ايف آءِ اي جي وڪيل ۽ شهباز شريف جي وڪيلن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي جنهن تي عدالت ڌرين جي وڪيلن کي ماڻ ۾ بحث ڪرڻ کان روڪيو. مسلم ليگ جي صدر پنهنجو بيان جاري رکندي چيو ته ڊيلي ميل ۾ شهزاد اڪبر مون خلاف آرٽيڪل لکرايو، خبر کان پوءِ وزيرن مون مٿان زهر جا گولا وسايا، پوڻن ٻن ورهين کان پوءِ اين سي اي لنڊن جي عدالت ۾ چيو ته اسان انڪوائري ڊراپ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته چار سال ٿي ويا آهن حڪومت هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت ناهي ڪري سگھي، آئون عوام جا 1000 ارب بچايا، آئون پاڪستان جي غريب عوام جي خدمت ڪئي، آئون گنهگار ماڻهو آهيان پر هي ڪرپشن ثابت نٿا ڪري سگهن. شهباز شريف چيو ته مون کي بدنام ڪرڻ لاءِ صاف پاڻي جي ڪيس جي واويلا ڪئي وئي، مون کي ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪري نيب جي قيد خاني ۾ رکيو ويو، صاف پاڻي جي ڪيس ۾ خدا جي مهرباني سان سڀ ماڻهو بري ٿي ويا آهن. هن چيو ته جج صاحب اڳوڻي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي بشير ميمڻ جو بيان رڪارڊ تي آهي ته وزيراعظم مون خلاف ڪيس تيار ڪرڻ جو چيو، آئون خدا کي شاهد بڻائي چوان ٿو ته جيڪڏهن اهو ثابت ٿي وڃي ته سليمان شهباز جي ترڪي جي ڪمپني مان پيسو کاڌو آهي ته آئون خدا جو قسم اوهان کان ۽ خدا کان معافي گھري گھر هليو ويندس. مخالف ڌر اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون خلاف جعلي ڪيس بڻايو ويو مون کي اهو ٻڌايو ته ڪٿي مني لانڊرنگ ڪئي آهي، اهو جعلي ۽ ڪوڙو ڪيس آهي عدالت جو وقت زيان ڪيو پيو وڃي. جنهن کان پوءِ اسپيشل ڪورٽ سينٽرل ۾ شهباز شريف ۽ حمزا شهباز سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگيو جنهن کان پوءِ عدالت جوابدارن جي عبوري ضمانتن ۾ 28 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي. عدالت ۾ پيش کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران صحافي سوال ڪيو ته ميان صاحب قومي اسيمبلي جو اجلاس ڇو ملتوي ڪيو ويو؟ جنهن تي شهباز شريف چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس مون جي ڪري ملتوي ڪيو ويو ڇو جو فرد جرم جي تاريخ 18 فيبروري جي هئي. صحافي جي سوال تي شهباز شريف چيوته بي اعتمادي جي رٿ جو وقت اچڻ تي ٻڌائينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *