بينظير ڀٽو کي ڌمڪي پرويز مشرف ڏني يا ڪنهن ٻئي اهو پڪ سان نه ٿو چئي سگهان: مارڪ سيگل

رالپنڊي(بيورو) راولپنڊيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف آمريڪي صحافي مارڪ سيگل جي بيان تي عدالتي آڏي پڇا جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. آمريڪي صحافي مارڪ سيگل پنهنجي بيان ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس موجودگيءَ ۾ بينظير ڀٽو کي ڌمڪي واري فون آئي هئي. هن چيو ته بينظير ڀٽو کي ڌمڪي پرويز مشرف ڏني يا ڪنهن ٻئي اهو پڪ سان نه ٿو چئي سگهي. سندس چوڻ هو ته بينظير ڀٽو کي ڌمڪي وقت هن موبائيل فون جي اسڪرين نه ڏٺي هئي.آمريڪي صحافي مارڪ سيگل چيو ته کيس اها ئي ڄاڻ آهي جيڪا کيس بينظير ڀٽو ڏني هئي. مارڪ سيگل چيو ته بينظير ڀٽو پنهنجي ٻئي ڪتاب ۾ پرويز مشرف جي ڌمڪيءَ جو ذڪر ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *