عالمي اڳواڻ پاڪستان جي اقتصادي ترقي کي ساراهي رهيا آهن: نوازشريف

ڊيوس (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته عالمي اڳواڻ پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي واکاڻ ڪري رهيا آهن حڪومت قائداعظم جي ويزن مطابق ملڪ کي ترقي يافته بنائڻ جي پاليسي تي عمل پيرا آهي هن مقصد لاءِ عورتن کي زندگي جي سمورن شعبن ۾ اڳيان آندو پيو وڃي يوٿ لون اسڪيم ۾ اڌ قرض عورتن کي ڏنو ويو آهي ڇنڇر تي هتي جنيوا وڃڻ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي سياسي ۽ تاجر اڳواڻن کي پاڪستان ۾ ڪامياب اقتصادي ترقي بابت آگاهه ڪرڻ جو موقعو مليو آهي نوازشريف چيو ته اقتصادي شعبي ۾ اڳڀرائي سبب عالمي اڳواڻ پاڪستان بابت سٺي راءِ رکن ٿا هن چيو ته عالمي اقتصادي فورم ۾ موجودگي سان کيس عالمي سياسي ۽ تاجر اڳواڻن سان ملاقاتون ۽ کين پاڪستان ۾ ڪامياب اقتصادي ترقي بابت آگاهه ڪرڻ جو موقعو مليو آهي هڪ سوال تي نوازشريف چيو ته ان جي حڪومت قائداعظم محمد علي جناح جي تصور مطابق ترقي ۽ اڳتي وڌڻ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهن ۽ ان سلسلي ۾ عورتن جي حوصله افزائي ڪئي پئي وڃي ته جيئن اهي ملڪ جي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *