سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن کي تعليمي سال کان اسڪولن ۾ داخلائن لاءِ بهترين قدم کڻڻ گهرجن، قائم علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (ايس اي ايف) کي نئين شروع ٿيندڙ تعليمي سال 17-2016 کان 2 لک 50 هزار واڌو ٻارڙن کي اسڪولن ۾ داخلائن لاءِ بهترين قدم کڻڻ گهرجن ۽ ان کي هڪ حدف طور وٺڻو پوندو اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڇنڇر تي وزراعليٰ هائوس ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ترقيات اعجاز علي خان وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو ڊاڪٽر قيصر بنگالي ڊاڪٽر قاضي مسعود محترمه ناهيد شاهه دراني عاليه شاهد ۽ علي حسن نقوي شرڪت ڪئي. مئنجنگ ڊائريڪٽر ايس اي ايف ناهيد شاهه دراني بورڊ کي بريفنگ ڏيندي چيو ته فائونڊيشن جي ڪيترن ئي سکي ساک رکندڙ ادارن سان اسٽريٽجڪ حصي داري آهي انهن ادارن ۾ سٽيزن فائونڊيشن، انڊس رسيورس سينٽرز سنڌ مدرسه بورڊ ميسرز اوپر، انڊس ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ سارا ايجوڪيشن، تهذيب فائونديشن، گرين ڪريسينٽ ٽرسٽ، بي آر اي سي پاڪستان اينڊ ايجوڪيشن فنڊ سنڌ شامل آهن سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن انهن ادارن سان گڏجي صوبي ۾ ٻارڙن جي تعليم ۽ تربيت ۾ مصروف آهي وڏي وزير چيئرمين ۽ بورڊ آف گورننگ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيسن جي بهتر ساک رکندڙ ادارن سان اسٽريٽجڪ حصيداري کي ساراهيو وڏي وزير چيو ته بهتر قدمن سبب صوبي ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ايم ڊي سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي چيو ته ايس اي ايف پهريان ئي ٻارڙن کي اسڪول آڻڻ جي سلسلي ۾ حدف مقرر ڪري چڪو آهي ۽ فائونڊيشن نئين تعليمي سال 17-2016 جي شروعات تي 2 لک 50 هزار اضافي ٻارڙن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائيندي هن چيو ته ايس اي ايف جو معيار جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪرڻ جو ايجنڊا آهي فائونڊيشن جيمختلف پروگرامن بابت ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي ناهيد شاهه دراني ٻڌايو ته مختلف سروي رپورٽس مطابق سنڌ ۾ اٽڪل 2.5 ملين ٻارڙا اسڪول ۾ داخلائن کان وانجهيل آهن ۽ هي اهي ٻارڙا آهن جيڪي ڪڏهن اسڪول ويا ئي نه آهن يا داخل نه ڪرايا ويا آهن انهن ٻارڙن جون ڄمارون 9 سالن کان 18 سال آهن جن کي فني مهارت جي پروگرام ذريعي تربيت ڏيئي سگهجي ٿي ايس اي ايف معاشري ۾ موجود اهڙن سمورن ٻارڙن لاءِ تربيتي پروگرام شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني جيڪا وڏي وزير چيئرمين سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن طور منظوري ڏني. ناهيد شاهه دراني ٻڌايو ته هن وقت ايس اي ايف اهڙن ادارن جيڪي پهريان ئي هن سلسلي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن انهن سان پارٽنرشپ ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ هن اهڙن ادارن جي هڪ لسٽ پيش ڪئي ناهيد شاهه فورم کي وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ ۾ ملڪ جي ٻين صوبن وانگر پوسٽ پرائمري تعليم ۾ شرڪت جي حوالي سان ڪافي خال موجود آهي تنهنڪري ان صورتحال ۽ چئ،لينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ايس اي ايف پرائيويٽ اسڪول آپريٽرز سان شراڪت ذريعي مڊل ۽ هاءِ اسڪولز جي قيام جي تجويز پيش ڪئي. جنهن تهت اهڙا ضلعا جتي پوسٽ، پرائمري ايجوڪيشن ۾ شرڪت جي شرح تمام گهٽ آهي انهن کي ٽارگيٽ ڪيو وڃي. چيئرمين فائونڊيشن بورڊ آف گورننگ سيد قائم علي شاهه سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيسن جي ڪارڪردگي کي ساراهيدي سنڌ جي ڏورانهين ۽ پٺتي پيل علائقن تي خاص توجهه ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ ان فائونڊيشن کي سنڌ هڪومت پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *