بينظير ڀٽو قتل ڪيس : دليل مڪمل، فيصلو محفوظ، اڄ ٻڌائڻ جا امڪان

راولپنڊي (اين اين آءِ) راولپنڊي جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت اڳوڻي وزيراعظم بينطير ڀٽو قتل ڪيس بابت محفوظ ڪيل فيصلي۾ 10 سال لڳي ويا، راولپنڊي جي عدالت جي جج اصغر خان وڪيلن ۽ پراسيڪيوٽرن جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو 31 آگسٽ تي راولپنڊي جي اڊيالاجيل ۾ ٻڌائڻ جو امڪان آهي، ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کانسواءِ جوابدار عماد گل، اقرام الله، عبدالله، فيض الله ۽ بيت الله محسود کي اشتهاري قرار ڏنو ويو، اڳوڻي سي پي او سعود عزيز ۽ اڳوڻي ايس پي خرم شهزاد ضمانت تي آهن، ان کانسوءِ 5 جوابدار اعتزاز شاهه، حسينن گل، شير زمان، رفاقت ۽ رشيد احمد گرفتاري کانپوءِ جيل ۾ آهن، ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر ٻڌڻي دوران انڪشاف ڪيو هو ته پرويز مشرف کي عالمي دهشتگرد تنظيم القائده کان خطرو آهي جنهن سبب هو عدالت ۾ پيش نه ٿي رهيو آهي، عدالت ۾ ٿيندڙ ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ نامزد آخري جوابدار اعتزاز شاهه جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته ايف آءِ اي جي جاچ ۾ غلطيون آهن، ان جاچ ۾ ڪنهن جوابدار کان نه پچيو ويو ته ان کي ڪڏهن گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته اسماعيل نالي شخص جنهن کي چالان ۾ آپريٽر ظاهر ڪيو عدالت مان ئي ڀڃي ويو هو، پوليس ٻڌايو ته اسماعيل آپريٽر بيت الله محسود جي فون ڪال ٽيپ ڪئي هئي، چوڌري اظهر پنهنجي دليل ۾ چيو ته جوابدارن جي گرفتاري وارين تاريخن ۾ تضاد آهي ته اها غلطي پوليس جي آهي، ايف آءِ جي نه. حملو گاڏي جي ٻاهران ٿيو ته اسان گاڏي ۾ ويٺل ماڻهن کان جاچ ڇو ڪيون، پراسيڪيوٽرن جي دليلن تي جوابدارن جي وڪيلن اعتراض ڪندي چيو ته جيڪڏهن پراسيڪيوٽر سمورن گواهن جا بيان پڙهندا ته اسان به تياري ڪنداسين، جج ريمارڪسر ڏنا ته توهان جلدي ۾ پنهنجا دليل مڪمل ڪيو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران استثغيٰ پاران 68 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، پوليس 3 ۽ ايف آءِ اي 5 چالان عدالت ۾ پيش ڪيا، ڪيس جي ٻڌڻي دوران 8 جج تبديل ٿيا، ڪيس جي ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر چوڌري ذوالفقار جو اسلام آباد ۾ قتل ٿي چڪو آهي، ياد رهي ته پ پ جي اڳواڻ بينظير ڀٽو کي 27 سيپٽمبر 2007 جي شام راولپنڊي ۾ جلسو ختم ڪرڻ کانپوءِ زرداري هائوس واپس ويندي رستي ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو، ان ئي رات سٽي ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، فيبروري 2008 ۾ راولپنڊي پوليس شروعاتي طور تي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته پ پ 2008 ۾ حڪومت بڻائي ته ان جي جاچ ايف آءِ اي کي ڏني وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *