نئين افغان پاليسي ۽ ٽرمپ جا الزام رد، قومي اسيمبلي قراداد منظور ڪري ورتي

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي ڪمانڊر جنرل مڪلسن جي پاڪستان بابت الزامن تي ٻڌل بيان سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته آمريڪي صدر ۽ جرنل نڪلسن جابيان پاڪستان جي سالميت ۽ استحڪام خلاف ڌمڪي آهي، افغانستان جي ڌرتي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪارروائي ۾ ملوث آهي، دهشتگردن جون محفوظ پناهگاهون ختم ڪيون وڃن، حڪومت دوست ملڪن خاص طور  تي خطي جي ملڪن سان موثر سفارتڪاري ذريعي ڳالهه ٻولهه جو عمل تيز ڪري، افغان حڪومت پاڪستاني طالبان مجلس احرار ۽ ٻين دهشتگردن جي پناهه گاهه آهي انهن کي ختم ڪي وڃي، اربع تي قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف قرار داد پيش ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي 21 آگسٽ تي آمريڪي صدر ۽ افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي ڪمانڊر جنرل نڪلسن جي بيانن کي رد ڪري ٿي، خطي ۾ عدم استحڪام ۽ افغانستان ۾ ڀارت جو ڪردار وڌائڻ جي حوالي سان آمريڪي صدر جي قدمن جي مزمت ڪريون ٿا. ان خطي جي عدم استحڪام تي ٻڌل قدم قرار ڏيون ٿا ۽ خطي جي موجوده حالتن ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏيون ٿا، ڪشمير جو عوام ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جي مزمت ڪريون ٿا، قومي اسيمبلي ۾ اهو پڪو پهه ڪريون ٿا ته پاڪستان ڪشميرين جي حقن جي حمايت جاري رکندو، هي ايوان آمريڪي ان دعويٰ کي رد ڪري ٿو جنهن ۾ هن پاڪستان کي اربين ڊالر ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 123 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، هي ايوان ان ڳالهه کي محسوس ڪري ٿو ته ان بيان سان پاڪستان جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانين کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، ان جنگ ۾ پاڪستان جا 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا آهن، اها لعنت 4 ڏهاڪن کان اڳ خطي ۾ آندي وئي، ان کانپوءِ ان کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو، قومي اسيمبلي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي قربانين جو اعتراف ڪري ٿي، پاڪ فوج جي رينجرز ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن سان گڏ دهشتگردي خلاف آپريشن جي ڀرپور سپورٽ ڪري ٿي، هي ايوان اهو پڪو پهه ڪري ٿو ته پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي طاقت طور تي عالمي سطح تي تسليم ڪيل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم وارو ملڪ آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ نلڪسن جا بيان پاڪستان جي سالميت ۽ استحڪام خلاف ڌمڪي وارا آهن، هي ايوان حڪومت پاڪستان تي زور ڀري ٿو ته اها پاڪستان جي سالميت ۽ بقا جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي، قومي اسيمبلي جو هي ايوان آمريڪي اختيارن جي پاڪستان جي دوري جي ملتوي ۽ پاڪستاني اختيارن جو آمريڪي دورو کي ملتوي ڪرڻ جي حوالي سان قدمن کي تسليم ڪري ٿو، حڪومت تي زور ڀري ٿو ته صاف حالتن ۾آمريڪي حڪومت کي حالتن کان آگاهه ڪري، دوستي ملڪن سان سفارتي طريقي موجب ڳالهيون ڪيون وڃن، هي ايوان ان ڳالهه تي زور ڀري ٿو ته افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ انٽرنيشنل بارڊر جو احترام يقيني بڻائڻ لاءِ آءِ ايس ايف کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، قومي اسيمبلي افغانستان ۽ پاڪستان سان جڙيل علائقن ۾ داعش ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جي سرگرمين ۾ واڌ تي ڳڻتي ڪري ٿو ۽ آمريڪا ۽ افغانستان کان مطالبو ڪري ٿي ته افغانستان ۾ آمريڪي فوج ۽ افغان سيڪيورٽي ادارا پاڪستان ۾ دهشتگردن کي روڪڻ جي حوالي سان ڪردار ادا ڪن، افغان حڪومت پاڪستاني طالبان مجلس احرار ۽ ٻين دهشتگردن جون پناهگاهون ختم ڪري جتان کان هو پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪري رهيا آهن، آمريڪا نيٽو ۽ افغانستان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته ڀارت کي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين کان روڪي، ايوان ان ڳاله تي زور ڀري ٿو ته آمريڪا سان ٻطرفي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل انداز ۾ ڳالهايو وڃي، ايوان پڪو پهه ڪري ٿو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، هي ايوان افغانستان سان لاڳاپن ۽ امن جي بحالي لاءِ قدمن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، قومي اسيمبلي گڏيل طور تي قرارداد منظور ڪري ورتو. ان کان اڳ آمريڪي صدار جي بيان ۽ پاليسي جي حوالي سان بحث ۾ حصو وٺندي سردار اويس لغاري چيو ته هڪ ٽريلن  يو ايس اي ڊالر خرچ ڪرڻ کانپوءِ افعانستان اتي ئي بيٺو آهي جتي 2000 ۾ هو، 16 سالن ۾ ٽن صدرن جون ڪوششون ضايع، هزارين ماڻهن جي جاني نقصان، اسان جا تعليم ادارا اي پي ايس حادثي باوجود افغانستان اتي آهي، 50 سيڪڙو کان وڌيڪ افغانستان جو حصو آمريڪي فوج جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهي، جڏهن ته افغان حڪومت انتظامي طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، هن چيو ته افغانستان اندر سياسي قوتون نٿيون چاهين ته طالبان سياسي عمل جو حصو بڻجڻ، ان ۾ پاڪستان ڇا ٿو ڪري سگهي، آمريڪا ڪهڙي بيان تي پاڪستان تي الزام مڙهي رهيو آهي، ڇا آمريڪا جون ويٽنام عراق ۽ لبيا جون پاليسيون درست هيون، سڄي دنيا ان حقيقت کي سڃاڻي چڪي آهي، هن چيو ته ڀارت ان سان وڌيڪ خوش نه ٿيندو ته پاڪستان آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪري، هن چيو ته سي پيڪ کي ڏسي ڪجهه طاقتون انڌيون ٿي ويون آهن ۽ ڀارت کي افغانستان ۾ هڪ مهري طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش آهي جيڪو پراسڪي وار کانسواءِ ڪجهه نه آهي، هن چيو ته آمريڪا سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيون پر آمريڪا کي اهو باور ڪرائڻ چاهيون ٿا ته هو منافقت ڪرڻ ڇڏي، هن چيو ته  ايران، آمريڪا، چين روس ۽ آمريڪا جي افغانستان جي حوالي سان جيستائين گڏجي آپريشن معاملن تي ڳالهيون نه ٿينديون تيستائين اهو معاملو حل نه ٿيندو، ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار چيو ته زنده قومون اهي هونديون آهن جيڪي چيلينجز کي موقعن ۾ تبديل ڪن، ماضي ۾ به آمريڪا جي لاڳاپن ۾ لاها چاڙها آيا پر اسان ان ۾ اهڙو ڪجهه نه ڪري سگهياسين، هن چيو ته آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي آمريڪا کي مدنظر رکندي پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسي آمريڪا بابت جوڙي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان آمريڪي صدر جي افغان پاليسي ۽ پاڪستان جي الزامن کي رد ڪري ٿو، هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 80 هزار ماڻهن جي شهادت، هزارين ماڻهن ۽ هٿياربند فوج جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *