قومي سلامتي جو اجلاس، ٽرمپ بيان ۽ نئين افغان پاليسي تي غور

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي سلامتي ڪميٽي 5 کان 7 سيپٽمبر 2017 دوران طئه ٿيل سفيرن جي ڪانفرنس جا نتيجا يا سفارشون جوڙڻ لاءِ هيٺين ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اربع تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو 13 هون اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ ان کي عالمي ۽ علائقائي تنازز ۾ درپيش قومي سلامتي جي چيلينجز ۽ خطرن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس دوران آمريڪي صدر جي ڏکڻ ايشيا بابت پاليس تي بحث ڪيوويو، اجلاس ۾ خرم دستگير، اسحاق ڊار، احسن اقبال، خواجه محمد آصف، زبير محمود حيات، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله، ايئر فورس جي سربراهه سهيل امان، ناصر خان جنجوعا، ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل نويد مختيار سينيئر سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي،اجلاس ۾ملڪ جي اندروني ۽ پرڏيهي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ان کي عالمي ۽ علائقائي تنازر ۾ درپيش چيلينجز جائزو ورتو ويو، اجلاس دوران آمريڪي صدر جي ڏکڻ ايشيا پاليسي تي بحث ڪيو ويو، ڪميٽي فيصلو ڪيو ته 5 کان 7 سيپٽمبر 2017 تائين طئه ٿيل سفيرن جي ڪانفرنس جا نتيجا يا سفارشون جوڙڻ لاءِ هيٺين ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا نيشل سيڪيورٽي ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ خاص تجويزن تي غور ڪندي، آرمڊ فورسز ترقياتي منصوبي جو جائزو وٺندي، ڪميٽي فيصلو ڪيو ته درپيش صورتحال ۾ قومي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ موثر دفاعي اميج کي رکڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *