بينظير ڀٽو جي شهادت کان ڪجهه وقت پهريان مونکي هڪ فون آيوهو،هاڻي  اهو راز عدالت ۾ کلندو: ناهيد خان

لاهور (م.ڊ) شهيد محترما بينظير ڀٽو جي ويجهي ساٿياڻي ناهيد خان چيو آهي ته محترما جي شهادت کان ڪجهه وقت پهريان مونکي هڪ  فون آيو  هو، مان ان فون جي باري ۾ اڃا تائين الهه ناهي ڪئي پر هاڻي مان عدالت ۾ اها ڳالهه رکنديس.هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن  چيو ته منهجي ميڊيا تي اچڻ تي اُهي ئي ماڻهو جواب ڏئي سگهن ٿا، جيڪي مونکي  ميڊ يا  ۾  آڻڻ چاهين ٿا. ميڊ يا ۾ اچڻ وڏي ڳالهه ناهي، انسان کي جيئرو رهڻ کپي لازمي ناهي ته اهو ميڊ يا تي جئيرو رهي،مان پاڻ چوان ٿي ته منهنجي مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڃي، گهٽ ۾ گهٽ شهيد بينظير جي قاتلن تائين ته پهچيو وڃي،آصف  زرداري سدائين مونکان ڊنل رهندو هو،بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ جيڪڏهن مان سرگرم رهان ها ته زرداري ليگ نه هجي ها ۽ پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو واري پارٽي رهي ها ،پر آصف زرداري پارٽي کي پنهنجي ذاتي ملڪيت بڻائي ڇڏيو،ڇو ته  هوڊڄڻو ماڻهو آهي،وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ سان ڪير به جوان ناهي هوندو ،مان ته پهريان ئي سمجهي وئي هئس ته منهنجي خلاف سازش ڪئي ويندي مونکي  ڏوهاري به ناهي بڻايو ويو ۽ مونکي شهادت جي قابل به نه سمجهيو ويو،محترما جي گاڏي ۾ صفدر عباسي،امين فهيم،۽ مان اسان 3 ماڻهو ويٺا هئاسين، اسان کان ڪو به بيان نه ورتو ويو.ڊرائيور جي شهادت ته ٿي سگهي ٿي پر اسان ٽنهي مان ڪنهن جي به گواهي نه ٿي سگهي .جڏهن بي بي جي قتل جي جاچ ٿي رهي هئي ته ڪو به ادارو آزاد نه هو.پيپلز پارٽي ۾ جيڪڏهن ڪو ذاتي حيثيت ۾ ڪرپشن ڪري رهيو آهي ته ان کي ڪرپشن نه چوڻ گهرجي ،جيڪي ماڻهو زرداري جا ذاتي ماڻهو آهن اهي ڪرپشن ڪري رهيا آهن.مان شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو کي مڃيا ٿي ته لاڙڪاڻا ۾ منهنجو سياسي قعبو آهي. پ پ رجسٽرڊ پارٽي ناهي، اهو ڪيس اڃا تائين عدالت ۾ هلي رهيو آهي .بلاول ڀٽو اسان سان ڪڏهن به رابطو ناهي ڪيو، بلاول پنهنجي ماءُ جي حوالي سان ڪڏهن به تعلق ناهي رکيو، هو بينظير ڀٽو جو پُٽ آهي ، اسانجون دعائون ساڻس  گڏ آهن، هن سب رشتا ٽوڙي ڇڏيا آهن هن جي سوچ رڳو طاقت  لاءِ آهي،هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏوهٽو آهي،عوام هن کي چاهي ٿو،پر هن کي منجهايو ويو آ، اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي جو چوڻ آهي، ته شهيد محترما بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ  شروعاتي  ڏينهن ۾ ئي اسانجي خلاف هڪ مهم هلائي وئي.مان پهرين ڏينهن ئي چيو هو ته توهان پارٽي جي اندر جاچ ڪرايو، جئين اسان پارٽي جي جاچ کي بنياد بڻائي عدالت ۾ ڪيس وڙهي سگهون.7سالن کانپوءِ به اهو ئي چوان ٿو ته بينظير ڀٽو جي شهادت پٺيان اصل حقيقتن کي لڪايو پيو وڃي.ماڻهو ڏسڻ ٿا چاهين ته بلاول ايندڙ ڏينهن ۾ ڇا پيو ڪري،پهريان اوهان هن کي ميدان ۾ لاٿو، پوءِ اوهان ئي سندس کي ٻار ڪوٺي هن جي عزت گهٽائي ڇڏي، 30 نومبر تي پيپلز پارٽي جي سالگرهه ملهائي وئي ان ۾ به بلاول کي ٻاهر ويهاريو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *