عبدالحفيظ پيرزادي جي وڇوڙي سان نه صرف وڪالت پر ليڊرشپ ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي: قائم علي شاهه

سکر (بيورو) وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته عبدالحفيظ پيرزادي جو 1973ع واري آئين جي تياري ۾ مک ڪردار هو،  سندس وڇوڙي سان نه صرف وڪالت پر ليڊرشپ ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي، خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته حفيظ پيرزادي سان 2 ڏينهن اڳ ملاقات ٿي، ٻنهي ننڍپڻ واري دور جي ياد تازي ڪئي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سکر ۾ عبدالحفيظ پيرزادي جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حفيظ پيرزادي جي وڇوڙي تي جيترو به ڏک ڪجي اهو گهٽ آهي، ساڻس ڪاليج جي دور کان وٺي گڏ وقت گذريو. وڏي وزير چيو ته حفيظ پيرزادو تمام ذهين انسان هيو، هـُن ذوالفقار علي ڀٽو جي آئڊياز کي 1973ع جي آئين جي شڪل ۾ پيش ڪيو، جيڪو سڀني پارٽين کي اڄ به قبول آهي. سيد قائم علي شاهه چيو ته حفيظ پيرزادي جي لاڏاڻي سان انسانيت، وڪالت ۽ ليڊر شپ ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه به حفيظ پيرزادي جي جنازي نماز ۾ شرڪت بعد ڳالهائيندي چيو ته حفيظ پيرزادو نهايت شفيق انسان هيو، هن هميشه همٿايو. هن چيو ته حفيظ پيرزادي سان 2 ڏينهن اڳ سندس ملاقات ٿي، جنهن ۾ هن جوانيءَ جي يادن کي تازو ڪيو. سيد خورشيد شاهه چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ حفيظ پيرزادي جي سياست مان دل ڀرجي وئي آهي، جنهن سبب هــُو پاسيرو رهندو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *