رينجرز اختيارين کي ڌمڪيون، الطاف حسين روپوش قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، رينجرز اختيارين کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ بابت ڪيس ۾ الطاف حسين کي روپوش قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ ۽ ٿاڻن ۾ تصويرون اشتهاري جي حيثيت سان لڳائڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت، نمبر 3 ۾ رينجرز جي ترجمان ڪرنل طاهر جي فرياد تي الطاف حسين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر، ٻن شاهدن تي ٻڌل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي. جاچ آفيسر جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي حڪم تي پوليس الطاف حسين جي رهائشگاهه تي ڪارروائي ڪئي، جتي سندس پاڙيسرين ٻڌايو ته متحده سربراهه 1992ع ۾ لنڊن هليو ويو هو ان ڪري سندس گرفتاري ممڪن ناهي. عدالت کي درخواست ڪئي ته الطاف حسين خلاف قلم 87 ۽ 88 تحت ڪارروائي ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. عدالت جاچ آفيسر جي درخواست منظور ڪندي ايم ڪيو ايم سربراهه کي روپوش قرار ڏيندي ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت، قلم 87 تحت الطاف حسين جي ملڪيت ضبط ڪرڻ ۽ 88 تحت ٿاڻن ۾ سندس تصويرون اشتهاري جي حيثيت سان لڳائڻ جو حڪم ڏيندي 22 سيپٽمبر تي ٻيهر رپورٽ طلب ڪري ورتي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *