بينظير ڀـُٽو قتل ڪيس: مارڪ سيگل جي وڊيو لنڪ ذريعي رڪارڊ ڪيل بيان خلاف درخواست خارج

راولپنڊي (بيورو) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، شهيد بينظير ڀـُٽو قتل ڪيس ۾ امريڪي صحافي مارڪ سيگل جي وڊيو لنڪ ذريعي رڪارڊ ڪيل بيان خلاف پرويز مشرف جي درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي. راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راءِ ايوب مارٿ، اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران پرويز مشرف جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم، امريڪي صحافي مارڪ سيگل جي وڊيو لنڪ ذريعي رڪارڊ ڪيل بيان خلاف داخل درخواست تي دليل ڏنا. بئريسٽر فروغ نسيم چيو ته امريڪي صحافي مارڪ سيگل جو وڊيو لنڪ ذريعي بيان قانون جي ابتڙ۽ ملڪ جي پاليسي خلاف آهي، امريڪي عدالتون وڊيو لنڪ ذريعي بيان رڪارڊ ناهن ڪنديون، هتي اهڙي اجازت ڇو پئي ڏني وڃي. فروغ نسيم چيو ته مارڪ سيگل جو وڊيو لنڪ ذريعي بيان رڪارڊ ڪرڻ ملڪ جي توهين آهي، عدالت کي استدعا آهي ته  مارڪ سيگل کي پاڪستان طلب ڪري بيان رڪارڊ ڪيو وڃي. ايف آءِ اي جي پراسڪيوٽر چوڌري اظهر چيو ته مارڪ سيگل جو بيان قانوني گهرجن موجب رڪارڊ ڪيو ويو، وڊيو لنڪ ذريعي بيان رڪارڊ ڪرڻ وقت مشرف جي قانوني ٽيم ڪو به اعتراض نه واريو هو، هاڻي ٽرائل کي ڊيگهه ڪرڻ لاءِ مختلف بهانا ڪيا پيا وڃن. عدالت، فروغ نسيم جا دليل مڪمل ٿيڻ  پرويز مشرف جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اهڙي درخواست خارج ڪئي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت فيصلي ۾ چيو ته مشرف جو بيان قانون موجب رڪارڊ ڪيو ويو، بيان رڪارڊ ٿيڻ بعد اعتراض نٿو واري سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *