نواب اڪبر بگٽي بلوچستان ۾ بهتري جو خواهشمند هو، سندس قتل صوبي جي مسئلن جو حل نه هو: خواجا سعد رفيق

لاهور (بيورو) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته نواب اڪبر بگٽي جو قتل بلوچستان جي مسئلن جو حل نه هو، عبدالمالڪ بلوچ صوبي جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون ورتيون آهن، بلوچستان جي سياسي استحڪام تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي. لاهور ۾ بلوچستان بابت سيمينار کي خطاب ڪندي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته بلوچستان ۾ قومي ۽ سياسي جماعتن جون پاڙون مضبوط نه آهن، ماضي ۾ بلوچ عوام جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي. هن چيو ته نواب اڪبر بگٽي بلوچستان جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ چاهي پيو، اڪبر بگٽي جو قتل بلوچستان جي مسئلن جو حل نه هو. خواجه سعد رفيق چيو ته ڊاڪٽر عبدالمالڪ ايمانداري سان ڪم ڪري بلوچستان جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ورتيون آهن، مالڪ بلوچ هميشه بلوچ عوام جي حقن جي جنگ وڙهي آهي. ريلوي واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته بلوچستان جي عوام ۾ سياسي شعور اچي چڪو آهي، موجوده حڪومت جي ڪوششن بعد صوبي جون حالتون بهتر ٿيون آهن. تقريب کي خطاب ڪندي ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته آمريت  ۾ پاڪستان کي وڏو نقصان پهچايو ويو، عوام جي شموليت سان ئي پاڪستان ترقي جي رستي تي هلي سگهي ٿو. احسن اقبال چيو ته جمهوريت جي ڪري ئي اڄ بلوچستان ۾ قومي ترانا وڄي رهيا آهن ۽ قومي جهنڊا ڦڙڪي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *