عظيم سياستدان مرحوم مخدوم امين فهيم جو ٽيجهو ٿي گذريو، وڏي وزير سميت سياسي، سماجي ۽ مريدن جي وڏي انگ ۾ شرڪت

هالا (اي پي پي) پاڪستان جي عظيم سياستدان، شفيق انسان، سروري جماعت جي روحاني اڳواڻ ۽ سرور نوح جي 18 هين گادي نشين مرحوم مخدوم امين فهيم جو ٽيجهو سومر ڏينهن ٿي گذريو. ان موقعي تي سروري جماعت جي نئين روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان جي دستاربندي ڪئي وئي. مخدوم امين فهيم جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس وڏي پٽ مخدوم ميل الزمان کي سروري جماعت جو 19 هون روحاني پيشوا مقرر ڪيو ويو آهي، ” اي پي پي“ جي رپورٽ مطابق مخدوم امين فهيم جي ٽيجهي جي موقعي تي سروري جماعت جي نئين روحاني پيشوا لاءِ مخدوم جميل الزمان جي دستاربندي ڪئي وئي. دستار بندي جي موقعي تي مختلف درگاهن جي گادي نشينن، مخدوم ڪٽنب جي ڀاتين ۽ مريدن وڏي انگ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي پنهنجي مريدن کي مخاطب ٿيندي مخدوم جميل الزمان چيو ته 20 تاريخ کان اڳ هو پاڻ کي هڪ ٻار سمجهندو هو پر 20 تاريخ جي ڏکاري ڏينهن جڏهن سندس والد مخدوم امين فهيم لاڏاڻو ڪيو ته هاڻي هن مٿان وڏي ذميواري اچي وئي آهي. هن چيو ته وراثت ۾ مليل پڳ جون ذميواريون نڀائڻ لاءِ هو مڪمل ڪوشش ڪندو. هن اتي موجود مريدن ۽ ٻين کي چيو ته کيس دعا ڪن ته هو اها ذميواري ڀرپور نموني نڀائي سگهي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت بهتر نموني ڪري سگهي. هن پنهنجي مريدن کي هدايت ڪئي ته اهي ڪنهن سان اختلاف نه رکن ۽ ڀائپي ۽ رواداري وارو رستو اختيار ڪن. دستار بندي رسم بعد ٽيجهي جي رسمن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، پاڪستان پپلز پارٽي پنجاب جي صدر منظور وٽو، لطيف کوسا، ڄام مدد علي ۽ مختلف علائقن سان لاڳاپيل سروري جماعت جي خليفن ۽ مريدن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٽيجهي جو موقعي تي درگاهه سرور نوح سميت شهر جي اسڪولن ۽ گهرن ۾ قرآن خواني ۽ دعا جا پڻ انتظام ڪيا ويا هئا. سروري جماعت جو نئون روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان پ پ سنڌ جو نائب صدر ۽ روينيو وارو صوبائي وزير آهي، هو 19 ڪتابن جو ليکڪ آهي ۽ 2 ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *