بينظير قتل ڪيس: جاچ ۾ بابر اعواڻ ۽ رحمان ملڪ کي شامل ڪيو وڃي: ذوالفقار مرزا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو چوڻ آهي ته بينظير ڀٽو جي قتل جي جاچ ۾ رحمان ملڪ ۽ بابر اعواڻ کي پڇا ڳاڇا ۾ شامل ڪيو وڃي، بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري وچ ۾ اختلافن جي تصديق ڪريان ٿو جيڪي سنڌ حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي سبب ٿيا انٽرويو ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته پ پ جا وزير محترمه جي نالي تي لکين روپين عيوض نوڪريون وڪڻي ان جي رت سان غداري ڪري رهيا آهن ۽ ڏک جهڙي ڳالهه هي آهي ته ڦر لٽ ڪندڙن کي انهن جي ڪيسن جي پيروي ڪرڻ جو به وقت ناهي، بلاول پارٽي کي پنهنجي والده وانگر هلائڻ چاهي ٿو پر مفادپرستن کي اهو ڪڏهن به گوارا نه ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *