الطاف حسين جو معافي وارو عمل ٺيڪ آهي پر بلديه سانحي جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلايو وڃي: عمران خان جو مطالبو

نوشهروه(م.ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان بلديا سانحي جي ذميوارن خلاف فوري ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڀتو نه ڏيڻ تي 250 کان وڌيڪ پورهيتن کي جيئرو ساڙيو ويو، هاڻي وزيراعظم جي ذميواري آهي ته هنن خلاف ڪارروائي شروع ڪري، الطاف جو معافي وارو عمل ٺيڪ آهي، پر حالتون اڃا به انتهائي سنگين آهن. نوشهره ۾ ايليٽ فورسز جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڪو به برطانيا ۾ ويهي پاڪستانين کي ڌمڪيون نٿو ڏئي سگهي، جيڪا برطانوي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته بلديا سانحي جي گڏيل جاچ رپورٽ تي عمل ٿيڻ گهرجي، الطاف جو معافي وارو عمل ٺيڪ آهي، پر حالتون اڃا به انتهائي سنگين آهن. عمران خان جو اهو به چوڻ هو ته  زهره شاهد کي ڌمڪيون ڏيڻ بعد قتل ڪيو ويو، جنهن جي قاتلن کي به وائکو ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ سربراهه جو اهو به چوڻ هو ته بلديا سانحي جي ذميوارن خلاف فوري ڪارروائي ڪرڻ وزيراعظم جي ذميواري آهي، جنهن کي فوري طور ڪارروائي شروع ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *