پيٽرول بحران، حڪومت پي ايس او جا وڌيڪ 4 آفيسر معطل ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو) حڪومت پيٽرول بحران جو ذميوار قرار ڏيندي پاڪستان اسٽيٽ آئل جا وڌيڪ 4 آفيسر معطل ڪري ڇڏيا آهن خانگي ٽي وي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته ملڪ ۾ گذريل مهيني 10 ڏينهن لاءِ ٿيندڙ پيٽرول بحران جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ جوڙيل جاچ ڪميٽي ۾ شامل بئريسٽر ظفرالله خان، اڳوڻو آءِ جي طارق کوسه پاران تيار ڪئي ويندڙ رپورٽ کان پوءِ پي ايس او جي چئن آفيسرن کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي آفيسرن کي معطل ڪرڻ جا حڪم وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيا ويا آهن وقتي پيٽروليم سيڪيورٽي ارشاد مرزا مطابق پي ايس او جي معطل ٿيل آفيسرن ۾ نائب مئنيجنگ ڊائريڪٽر جهانگير علي شاهه، سينيئر جنرل مئنيجر ڊاڪٽر نظير زاهد، جنرل مئنيجر آصف اسلم ۽ ايڪٽنگ جنرل مئنيجر منصور اسماعيل شامل آهن ڄاڻايل رپورٽ 20 صفحن تي ٻڌل آهي ۽ ان جي تشڪيل ۾ بئريسٽر ظفرالله خان سميت وزيراعظم آفيس جو ايڊيشنل سيڪريٽري فواد حسن فواد ۽ ارشاد مرزا شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *