بنگلاديش ٺاهڻ بابت نريندر مودي جو بيان مذمت جوڳو آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته بنگلاديش ٺاهڻ بابت ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو بيان مذمت جوڳو آهي، هندستان اڄ به پاڪستان جي خودمختياري ۽ سلامتي کي چيلينج ڪري رهيو آهي، مودي جي اعتراف کانپوءِ پرڏيهي کاتي جي خاموشي تي ڏک پهتو آهي. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته ڀارتي وزير اعظم ۾ نريندر مودي جو بنگلاديش ٺاهڻ بابت بيان مذمت جوڳو آهي. خورشيد شاهه چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جي بيان مان ثابت ٿي  ويو آهي ته هندوستان پاڪستان ٽوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته ماضي ۾ ملڪي حالتون خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. هن چيو ته اڄ ثابت ٿي  ويو آهي ته ماضي ۾ ڊڪٽيٽر شپ جي ڪجهه غلط پاليسين سبب دشمن پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخت ڪري رهيو آهي. خورشيد شاهه پاڪستان جي پرڏيهي کاتي تي تنقيد ڪندي چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جي پاڪستان خلاف چڙ ڏياريندڙ بيان تي پرڏيهي کاتي جي خاموشي مذمت جوڳو عمل آهي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري کي چيلينج ڪري رهيو آهي، نريندر مودي خلاف قومي اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو وڃي. هن چيو ته جڏهن پيپلز پارٽي حڪومت سنڀالي ان وقت دهشتگردي عروج تي هئي، اسلام آباد جي پهاڙن پٺيان دهشتگردن جا اطلاع ملندا هئا. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته پاڪستان اندرني دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، امن جي بحالي لاءِ سياسي ۽ عسڪري قيادت کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته پاڪستان کي ٻين تي ڀاڙڻ بدران پنهنجون شيون تيار ڪرڻ گهرجن، جيڪڏهن ٻين جي آسري تي ويهبو ته ماڻهو بک مري ويندا. خورشيد شاهه نئين مالي سال جي بجيٽ حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *