ڪراچي: بلديه سانحي جي جاچ ٽيم ۾ شامل ڊي ايس پي شهيد، وزير اعظم نوٽيس ورتو، وڏي وزير پاران رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس تي حملن جو سلسلو جاري آهي، شاهه لطيف ٽائون واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊي ايس پي مجيد عباس شهيد ٿي ويو ۽ سندس ڊرائيور زخمي ٿي پيو، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊي ايس پي کي 5 گوليون هنيون ويون. سائيٽ ايريا ۾ مقرر ڊي ايس پي مجيد عباس پوليس موبائيل تي گهر کان آفيس وڃي رهيو هو ته ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني. واقعي بعد ڊي ايس پي ۽ سندس ڊرائيور سخت زخمي ٿي پيا، جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو،جتي مجيد عباس زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. واقعي بابت ڊي آءِ جِي اوڀر منير شيخ ٻڌايو ته ڊي ايس پي مجيد عباس پاڻ گاڏي هلائي رهيو هو ۽ کيس سادا ڪپڙا پهريل هئا. جناح اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ جي انچارج ڊاڪٽر سيمي جمالي ڊي ايس پي مجيد عباس جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. جناح اسپتال جي ايم ايل او ڊاڪٽر شهزاد ڊي ايس پي جي قتل جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي. پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مجيد عباس کي 5 گوليون هنيون ويون جيڪي ويجهي کان لڳل آهن. شهيد ٿيل ڊي ايس پِي مجيد عباس بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جي جاچ ۾ شامل هو. ٻئي طرف وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، ڊي ايس پي مجيد عباس جي قتل جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي آءِ جِي غلام حيدر جمالي کان بنا دير رپورٽ طلب ڪري ورتي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي گرفتار ڪري سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن. ياد رهي ته ڪراچي ۾ گذريل ٻن مهينن دوران 3 ڊي ايس پيز شهيد ٿي چڪا آهن، ان کان اڳ ڊي ايس پي ذوالفقار زيدي ۽ ڊي ايس پي عبدالفتاح سانگري کي نشانو بڻايو ويو هو. شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ ظفر ٽائون ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ڊي ايس پي سائيٽ مجيد عباس جي جنازي نماز پوليس هيڊ ڪوارٽر گارڊن سائوٿ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، آءِ جي سنڌ پوليس غلام حيدر جمالي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام قادر ٿيٻو سميت پوليس جي ٻين سينيئر آفيسرن، شهيد جي وارثن، مائٽن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پوليس جي خاص جٿي شهيد کي سلام پيش ڪيو. صوبائي گهرو وزير چيو ته ڏوهن خلاف جنگ ۾ شهيد پوليس آفيسرن ۽ جوانن جون قربانيون نه وِسارڻ جوڳيون آهن. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ شهيد جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ايسٽ، ايس ايس پي ملير ۽ ايس ايس پي ويسٽ کي هدايتون جاري ڪيون ته ملوث دهشتگردن جي گرفتاريءَ لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن ۽ تفصيلي رپورٽ فوري طور فراهم ڪئي وڃي. هن هدايتون ڏنيون ته پوليس آفيسرن، آفيسن ڏانهن ويندڙ ۽ واپس ايندڙن جي وقت ۾ پنهنجي سيڪيورٽي اپائن کي غير معمولي بڻايو وڃي ته جيئن اهڙن واقعن جي روڪٿام کي يقيني بڻائي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *