پاڪستان ، ننڍي کنڊ ۽ عالمي تاريخ جي نئين سرجوڙجڪ لاءِ ڪاميٽي ڪم ڪري رهي آهي : صدر ممنون حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صدر ممنون حسين چيو آهي ته مستقبل جي تعمير لاءِ نئين نسل جي بهتر تعليم ۽ سکيا وقت جي اهم ضرورت آهي، هن اها ڳالهه ڪرن ۽ اخوت فائونڊيشن جي وفد سان ڳالهائيندي چئي، جنهن ڪالهه اسٽيٽ گيسٽ هائوس ڪراچي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، ان موقعي تي لياري سان تعلق رکندڙ شاگرد به موجود هئا، صدر چيو ته اسان چاهيون ٿا ته نئين نسل جي صلاحيتن کي نکارڻ لاءِ کين بهترين تعليمي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ان مقصد لاءِ حڪومت سچي نيت سان سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، هن چيو ته هو چاهي ٿو ته ٻارن کي هر قسم جي امتياز کان مٿانهون ٿي تعليم فراهم ڪئي وڃي ته هو سـٺا پاڪستاني ۽ سٺا شهري بڻجي سگهن ٿا، ان مقصد لاءِ ضروري آهي ته کين پاڪستان جي تحريڪ، ننڍي کنڊ ۽ عالمي تاريخ به ٻڌائي وڃي ان مقصد لاءِ نصاب جي نئين سرجوڙجڪ لاءِ ڪاميٽي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جون تجويزون جلد ئي سامهون اچي وينديون،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *