بلديه ٽائون سانحي جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلايو وڃي: پي ٽي آءِ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان الطاف حسين تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته متحده جي هٿياربند ونگ ختم ڪرڻ کانسواءِ ٽارگيٽ ڪلنگ ختم نه ٿيندي. وزيراعظم بلديه ٽائون سانحي جي متاثرن کي انصاف ڏياري، سڄي قوم الطاف حسين جي دهشتگردي خلاف اُٿي وڃي. اسلام آباد ۾ پريس  ڪندي عمران خان چيو ته ايم ڪيو ايم جي سربراهه پي ٽي آئي جي عورتن بابت ڪريل زبان استعمال ڪئي. هو بزدل ماڻهو آهي، موت کان ڊڄي ٿو ۽ لنڊن ۾ ويهي پاڪستان ۾ ماڻهن کي مارائيندو آهي. عمران خان حڪومت کي مخاطب ٿيندي چيو ته بلديه سانحي ۾ ڀتي لاءِ فيڪٽري کي باهه ڏني وئي. وزيراعظم بلديه ٽائون سانحي جي متاثرن کي انصاف ڏياري ۽ جانچ ٽيم جي رپورٽ ۾ شامل ماڻهن کي گرفتار ڪرائي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلديه ٽائون سانحو پشاور سانحي جهڙو سانحو آهي. اُن جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلايو وڃي. هن اُهو به مطالبو ڪيو ته عمران فاروق قتل ڪيس جي ٻنهي گواهن کي برطانوي حڪومت جي حوالي ڪيو وڃي. عمران خان چيو ته ايم ڪيو ايم همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ئي پنهنجي ماڻهن کي مارائيندي آهي. متحده جي يادت پارٽي کي هٿياربند گروپن کان الڳ ڪري. ايم ڪيو ايم جي هٿياربند ونگ ختم ڪرڻ کانسواءِ ٽارگيٽ ڪلنگ ختم نه ٿيندي. عمران خان چيو ته ايم ڪيو ايم کي سندس اتحادي کي بچائيندا آهن. مشرف ۽ زرداري حڪومت ڪجهه نه ڪيو. هن اعلان ڪيو ته آئينده جنهن به فورم تي ايم ڪيو ايم هوندي اُتي نه ويهنداسين. عمران خان چيو ته کين خبر آهي ته زهره شاهد کي ڪنهن قتل ڪيو ايم ڪيوا يم ملوث آهي پر ڪير به اُنهن کي نٿو پڪڙي. ولي خان بابر کي به ايم ڪيو ايم مارايو، وزيراعظم پنهنجي ڪاروبار سبب مصلحتن جو شڪار آهي، وقت اچي ويو آهي ته ڪراچي ۾ امن لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ڪراچي کي خوف مان حڪومت ڪڍي اي پي سي ۾ وزيراعظم کي طاقت ڏني، هاڻي ماڻهن کي پڪڙي وڃي. بلديه ٽائون سانحو به پشاور سانحي جهڙو آهي. عمران خان چيو ته ميڊيا پي ٽي آئي جو 3 ڪلاڪن تائين ميڊيا ٽرائيل ڏيکاريندي رهي اُن وقت پيمرا ڪٿي هئي. ڪوريج نه ملڻ تي الطاف حسين جا ماڻهو ميڊيا هائوسز کي ڌمڪيون ڏين ٿا جڏهن ته ڪراچي جي واپارين ۽ صحافين کي به ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *