عمران خان جي تقرير طي ٿيل هئي، ڪپتان ڪراچي جو امن تباهه ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري: ايم ڪيو ايم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ حيدر عباس رضوي چيو آهي ته عمران خان جي چر ڏياريندڙ تقرير جو مقصد ڪراچي کي بدامني ڏانهن ڌڪڻ هو. عمران خان طالبان خلاف قومي اتفاق راءِ کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو۔ متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي حيدر عباس رضوي جو چوڻ هو ته رابطا ڪميٽي اڄ جي ڏينهن کي سياسي تاريخ جو ڪارو ڏينهن سمجهي ٿي. عمران خان قائد الطاف حسين خلاف فعونيت ۽ بازاري زبان استعمال ڪئي. حالتون ۽ واقعا ٻڌائي رهيا آهن ته عمران خان جي پريس ڪانفرنس ڌرڻي وانگر ڪنهن طي ٿيل منصوبي جو حصو آهي. عمران خان جي تقرير پهريان کان ئي طي ٿيل هئي. ايم ڪيو ايم خلاف جيڪو سلسلو هلي رهيو آهي عمران خان جي تقرير اُن جو حصو آهي. عمران خان جي پريس ڪانفرنس انتهائي مذمت جوڳي آهي. حيدر عباس رضوي چيو ته عمران خان الطاف حسين لاءِ نهايت ڪريل زبان استعمال ڪئي پر اُن جي باوجود اسان جي ڪارڪنن انتهائي صبر جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو دهشتگردي خلاف سياسي پارٽين اتفاق ڪيو پر تحريڪ انصاف قومي اتفاق راءِ کي تباهه ڪري رهي آهي. عمران خان وزيراعظم نوازشريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي ڪراچي جي دوري کان اڳ ۾ بامني چاهي ٿو. عمران خان ملڪ ۾ سياسي افراتفري چاهي ٿو. هن الزام هنيو ته جنهن شخص اسان جي قائد تي الزام هنيو اُن جو پنهنجو ڪردار ڪهڙو آهي سندس سڄي زندگي دنيا آڏو آهي. نشي واريون دوائون ڪير اسعتمال ڪري ٿو سڄي دنيا کي خبر آهي. عمران جي ڪارنامن سان سڄي دنيا ڏسي چڪي آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ الزام هنيو ته تحريڪ انصاف پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم طالبان جي سياسي ونگ آهي. عمران يا تحريڪ انصاف پاران ڪڏهن به طالبان خلاف هڪ به مذمتي لفظ ادا ناهي ڪيو. حيدر عباس رضوي چيو ته عمران فاروق قتل ڪيس اسان جي ڪنهن اڳواڻ خلاف داخل ناهي. عمران خان صاحب اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي اليڪشن ٽربيونل سمجهيو آهي. هو لنڊن وڃي پنهنجو شوق پورو ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *