عدالت 12 مئي سانحي جي جوابدار کي 90 ڏينهن جي رمانڊ تي رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي روڪٿام عدالت 2 1  مئي سانحي ۾ ملوث جوابدار عبدالرفيق ڪائيان کي 0 9  ڏينهن لاءِ رينجرز جي قبضي ۾ ڏئي ڇڏيو. رينجرز 2 1  مئي سانحي ۾ مبينا طور تي ملوث جوابدار عبدالرفيق کي دهشتگردي روڪٿام عدالت ۾ پيش ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. رينجرز عدالت کي اپيل ڪئي ته جوابدار کي 0 9  ڏينهن لاءِ رمانڊ تي حوالي ڪيو وڃي، جنهن جي منظوري بعد عدالت جوابدار عبدالرفيق کي 0 9  ڏينهن لاءِ رينجرز جي قبضي ۾ ڏئي ڇڏيو. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي جوابدار جي وڪيل جو چوڻ هو ته عبدالرفيق سياسي پارٽي جو ڪارڪن آهي جنهن ڪري ان کي نشانو بنايو پيو وڃي ۽ ممڪنه طور تي سياسي پارٽي کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته رينجرز گذريل ڏينهن محمود آباد ۾ ڪاروائي ڪندي جوابدار عبدالرفيق عرف ڪائيان کي گرفتار ڪيو هو، جنهن بعد رينجرز دعويٰ ڪئي هئي ته جوابدار سانحي 2 1  مئي ۾ ملوث آهي جنهن جو سياسي پارٽي سان تعلق آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *