تحقيق ۽ تجربن سان ئي علم جي ميدان ۾ ترقي ڪري سگهجي ٿي: صدر عارف علوي

ڪراچي (اين اين آءِ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تحقيق ۽ تجربن سان ئي علم جيميدان ۾ اڳتي وڌي سگهجي ٿو نوجوان نسل کي موجوده دور جي جديد تقاضن سان سلهاڻڻو پوندو هو خميس تي ڪراچي ۾ 19هين آءِ پي سي اين ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو صدر چيو ته اڄ جو دور انفارميشن ٽيڪنالوجي جو دور آهي انفارميشن ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ سرمايو لڳائڻ وقت جي ضرورت آهي هن چيو ته حڪومت ملڪي معاشي استحڪام لا3 ڪاروبار جي موقعن ۾ آساني پيدا ڪري رهي آهي ڪاروباري موقعن جي آساني ۾ جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو هٿراڌو ذهانت جي سافٽ ويئر سان دهشتگردي سميت ٻين ڏوهن جي شرح تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *