سبي ويجهو جعفر ايڪسپريس تي راڪيٽ لانچر سان حملو، 3 مسافر مارجي ويا،10 زخمي

سبي(م.ڊ)  بلوچستان جي علائقي سبي ويجهو جعفر ايڪسپريس تي راڪيٽ لانچر سان حملي جي نتيجي ۾ 3 مسافر مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا آهن، بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري ٻن ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪندي اجل جو شڪار ٿيلن جي وارثن لاءِ 10-10 لک رپيا معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. راولپنڊي کان ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس تي سبي ويجهو هٿياربندن راڪيٽ لانچر سان حملو ڪيو. هٿياربندن جي حملي جي نتيجي ۾ جعفر ايڪسپريس جون 3 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل ٿي وئي. سيڪيورٽي ذريعن موجب، ٽرين تي حملي جي نتيجي ۾ 3 مسافر ٿڌي تي مارجي ويا ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. اطلاع تي سڪيورٽي فورسز ۽ ليوز اٽالن واقعي واري هنڌ پهچي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير ثناءُ الله زهري حملي ۾ مارجي ويلن جي وارثن لاءِ 10-10 ۽ زخمين لاءِ 50-50 هزار رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق واقعي تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. 002

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *