بلاول محسن داوڙ ۽ علي وزير جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ملڪي مفاد تحت فيصلا ڪيا ويندا، سڀني جون نظرون اي پي سي تي آهن، سٺي خبر ايندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهايئندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن مولانا صاحب کي زبان ڏني آهي، اي پي سي ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته بجيٽ ڌانڌلي ذريعي پاس ڪئي پئي وڃي، بجيٽ عوام دشمن ۽ ان جي شق تي اعتراض آهي،  حڪومتي نمائندن طرفان به بجيٽ تي اعتراض ڪيا ويا آهن، ڌانڌلي باوجود پ پ بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺي رهي آهي، ڪوشش ڪندس ته بجيٽ ڪٽوتي تحريڪ ۾ به حصو وٺان ۽ اي پي سي ۾ به. سندس چوڻ هو ته فاٽا جو ٻچو ٻچو دهشتگردن خلاف کڙو ٿيو،  حڪومت خبر ناهي پروڊڪشن آرڊر لاءِ ڪنهن سان مشورو ڪري رهي آهي، نه ضياءَ الحق ۽ نه پرويز مشرف ايئن ڪيو، حڪومت جمهوريت کي ڪمزور ڪري رهي آهي، جيڪي به ڌانڌلي سٽيل عمل مان گذرن ٿا پريشان ٿيندا آهن.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪي به ڌانڌلي سٽيل عمل مان گذري آيا آهن پريشان ٿيندا آهن.  ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوريت، آئين ۽ قانون لاءِ بيٺا آهيون، هر جمهوريت پسند پروڊڪشن آرڊر لاءِ ساٿ ڏي. هن چيو ته ٻن ميمبرن جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن جيئن ڪورم پورو ٿي سگهي، اسان نه ٿا چاهيون ٿا ته تاريخ ۾ لکيو وڃي ته پراڊڪشن آرڊر نه جاري ڪيا ويا.  هن چيو ته اسپيڪر جي ڪرسي هميشه جمهوريت جو ساٿ ڏنو آهي، حڪومت ڪنهن جي به هجي ٻن ميمبرن جو ايوان ۾ هجڻ ضروري آهي، ٻن ميمبرن جي ايوان ۾ نه هئڻ سان پيغام ويندو ته ايوان آزاد ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *