آل پارٽيز ڪانفرنس آئين جي بالادستي، آزاد عدليه ۽ صوبن جي حقن جي حوالي سان ٿئي ها ته ضرور شرڪت ڪيون ها: اختر مينگل

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ سردار اختر مينگل چيو آهي ته اي پي سي جي ايجنڊا جي ڄاڻ ناهي، آل پارٽيز ڪانفرنس آئين جي بالادستي، آزاد عدليه ۽ صوبن جي حقن جي حوالي سان هجي ها ته ضرور شرڪت ڪيون ها. لکت طور تي اي پي سي جي لاءِ پنهنجا مطالبا موڪلي ڇڏيا آهن جيڪڏهن سٺو جواب آيو ته بعد ۾ ٿيندڙ اي پي سي ۾ شرڪت ڪنداسين. اربع تي پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار اختر مينگل چيو آهي ته سياسي پارٽيون مسئلن جي حل لاءِ گڏ ٿينديون رهنديون آهن مولانا فضل الرحمان پاران اسان کي به اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي اسان في الحال شرڪت کان معذرت ڪئي آهي. هن چيو ته اڃا تائين اي پي سي جي ايجنڊا جي ڄاڻ ڏني جڏهن ته ان کان اڳ ٿيندڙ اي پي سي ۾ اسان کي دعوت نه ڏني وئي هئي. سردار اختر مينگل چيو ته اڪثر اي پي سي جي فيصلن تي عمل نه ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *