بلاول جي 18 آڪٽوبر واري جلسي وقت پ پ مخالفن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون: نثار احمد کهڙو

لاڙڪاڻو(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽNisar-Khoroي لاڙڪاڻو الله آباد يونٽ جي اڳواڻ ۽ هليا برادري جي مرڪزي نائب صدر هارون هليو جي پٽ جي عقيقو واري تقريب ۾ تعليم کاتي جي سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چٽي ڳالهه ڪئي آهي ته سنڌ جو ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته هو سنڌ ڄائو آهي ۽ سنڌ کي يونٽن ۾ ورهائڻ واري ڳالهه ڪندڙ خوابن واري دنيا ۾ رهن پيا. هن چيو ته 18 آڪٽوبر تي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽي جي رٿيل جلسي ۾ لکين ماڻهن جو سمنڊ نظر ايندو ۽ ان وقت پ پ پ مخالفن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون، ڇاڪاڻ ته پ پ پ اها واحد جماعت آهي، جيڪا هن ملڪ جي غريب مظلوم عوام جي حقن خاطر پنهنجي عظيم پارٽي جي ٻن ليڊرن شهادت ماڻي پر ڪڏهن به آمر قوتن آڏو ڪنڌ نه جهڪايو ۽ عوامي حقن خاطر سدائين آواز بلند رکيو. ان ڪري اڄ به ماڻهو ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن تي پهچي حاضري ڀري انهن کي عقيدت جي ڀيٽا ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت ڪراچي سميت سنڌ ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺي رهي آهي. سنڌ ۾ ترقياتي ڄار وڇايو پيو وڃي ۽ نوڪرين تان پڻ پابندي هٽائي وئي آهي ته جيئن سنڌ جي نوجوانن کي ميرٽ تي روزگار ملي سگهي. تقريب ۾ ايم اين اي محمد اياز سومرو، اڳوڻو پ پ ايم پي اي حاجي منور علي عباسي، هليا برادري جو مرڪزي صدر محمد اعظم هليو، ستار هليو، ڊاڪٽر زاهد هليو، ايڊوڪيٽ عبدالستار هليو، ممتاز جروار، ممتاز شيخ، ديدار لغاري، رياض ڪلهوڙو، آفاق ڪلهوڙو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *