ڀارت پاڪستان سان سيز فائر جي خلاف ورزي جو معاملو جلد حل ڪرڻ گهري ٿو: مودي

نئين دهلي (م.ڊ/اين اين آءِ) Narendra-Modiڀارتي وزيراعظم نريندر مودي لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري جي خراب ٿيل صورتحال تي چيو آهي ته سرحد تي سمورا معاملا جلد بهتر ٿي ويندا لائين آف ڪنٽرول تي ڀارت پاڪستان سان سيز فائر جي خلاف ورزي جي معاملي تي جلد حل ڪرڻ گهري ٿو جڏهن ته هي هڪ سنجيده معاملو آهي ۽ ايئن نه ٿيڻ گهرجي ها ڀارت پنهنجن پاڙيسرين سان امن ۽ بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي فائرنگ جا واقعا روڪڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري آهن ڀارتي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڀارتي وزيراعظم جو چوڻ هو ته لائين آف ڪنٽرول تي سيز فائر جي خلاف ورزين جا واقعا ختم ۽ معاملا جلد بهتر ٿي ويندا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *