آءِ ڊي پيز جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته اسلام آباد ۾ هڪ ٻيو ڌرڻو لڳندو: سراج الحق

پشاور(م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، inp 09-64هڪ مهيني اندر آءِ ڊي پيز جا مطالبا تسليم نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته آءِ ڊي پيز ڪنهن هڪ جماعت نه پر 18 ڪروڙ عوام جو مسئلو آهي. پشاور ۾ گرينڊ قبائلي جرڳي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته جيڪڏهن مرڪزي حڪومت چاهي ٿي ته ايندڙ هڪ مهيني اندر اسلام آباد ۾ هڪ ٻيو ڌرڻو نه لڳي ته اها فوري طور آءِ ڊي پيز جا مطالبا تسليم ڪري نه ته ڌرڻي جو انتظار ڪريهن چيو ته جيڪي ماڻهو قبائلي علائقن جي ماڻهن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هــُو انهن کي ٻــُڌائڻ چاهي ٿو ته اڄ آزاد ڪشمير انهن قبائلين سبب ئي آزاد آهي. سراج الحق چيو ته ڀارتي جارحيت تي پاڪستاني حڪومت ڪو به غيرت منداڻو جواب ناهي ڏنو ۽ جيڪي غيرت سان جواب ڏيڻ چاهين پيا انهن کي ئي پنهنجي ملڪ ۾ مهاجر بڻايو ويو آهي. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته هــُو قوم کي ٻــُڌائڻ چاهي ٿو ته حڪومت هر بار قوم کي ڌوڪي ۾ رکيو ۽ اڄ ٻيهر ان جي غلط فيصلن سبب پاڪستان کي انهي رستي تي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *