سي پيڪ سان سڄي خطي ۾ موقعن جا نوان رستا کلندا: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ سان سڄي خطي ۾ موقعن جا نوان رستا کلندا. وزير اعظم عمران خان سان سي پيڪ تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي نمائندن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران چيني سفير وزير اعظم پاڪستنا کي چيني صدر جي نيڪ خواهشن وارو پيغام پهچايو. سفير چيو ته چين جو صدر وزير اعظم عمران خان جي چين جي دوري جو منتظر آهي. چيني سفير چيني سيڙپڪاري کي سهولتن جي فراهمي تي وزير اعظم جي ذاتي دلچسپي وٺڻ جا ٿورا مڃيا. چيني سفير جو چوڻ هو ته چيني ڪمپنيون پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ حصو وجهنديون رهنديون. ان موقعي تي وزير اعظم جو چوڻ هو ته حڪومت سي پيڪ منصوبي کي پهرين ترجيح ڏيندي آهي، حڪومت چيني ڪمپنين کي منافعي بخش واپار لاءِ هر ممڪن سهولت ڏيندي آهي. وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته سي پيڪ سان سڄي خطي ۾ موقعن جا نوان رستا کلندا. ٻئي طرف وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سياحت کي هٿي ۽ ترقي تي اجلاس دوران وزير اعظم چيو ته حڪومت سياحت کي هٿي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سياحت کي هٿي ۽ ترقي تي اجلاس رٿيو ويو. اجلاس ۾ وزير اعظم کي سياحت کي هٿي وارن بندوبستن تي بريفنگ ڏني وئي. وزير اعظم کي پختونخواهه ٽورازم ايڪٽ جي مسودي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ سياحتي زون قائم ڪيا پيا وڃن، پنجاب ۾ سياحت کي هٿي لاءِ 8 زون قائم ڪيا پيا وڃن. وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته خانگي شعبا سياحت کي هٿي لاءِ ڪردار ادا ڪن. سياحتي زون جي قيام ۾ ماحول ۽ قدرتي حسن کي نظر ۾ رکيو وڃي. ويب سائيٽ تي مقامي ۽ پرڏيهي سياحن  جي لاءِ تفصيل ڏني وڃي. هن چيو ته حڪومت سياحت کي هٿي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *