بدقسمتي سان ايڪسپورٽرز جي ڪم ۾ رنڊڪ وڌي پئي وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) پنجاب حڪومت کي اٽو ايسڪپورٽ ڪندڙ فلور ملز کي بينڪ گارنٽي واپس ڪرڻ جو حڪم ڪري، بدقسمتي سان ايڪسپورٽرز جي ڪم ۾ رنڊڪ وڌي پئي وڃي، ايڪسپورٽ متاثر ٿيڻ سان ملڪ جو واپاري حجم گهٽ ٿيندو، واپاري حجم گهٽ ٿيڻ ملڪ جي معيشت لاءِ نقصان ڏيندڙ آهي، ڪاروباري طبقي کي سهولتون ڏنيون وڃن ته جيئن ڏکيائيون پيدا نه ٿي سگهن، سپريم ڪورٽ فلور ملز کي بينڪ گارنٽي واپس ڪرڻ جي حڪم خلاف پنجاب حڪومت جي اپيل رد ڪري ڇڏي، جمعي تي جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، فلور ملز جي وڪيل چيو ته بينڪ گارنٽي ڊالر ۾ جمع ڪرائي وئي هئي، بينڪ گارنٽي جي مقامي ڪرنسي ۾ تبديلي جي تصديق اسٽيٽ بينڪ به ڪئي، پنجاب جي ڊائريڪٽر فوڊ چيو ته فلور ملز خوراڪ کاتي کي مطمئن نه ڪري سگهيون، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته توهان پنهنجي مطمئن ٿيڻ لاءِ ڪهڙا دستاويز گهريا جيڪي ناهن مليا، خبر ناهي توهان ڪهڙي قسم جو اطمينان چاهيو ٿا، جسٽس مشير عالم چيو ته هڪ پاسي چئو ٿا ته ڪاروباري طبقي کي سهولتون ڏنيون وينديون، ٻئي پاسي ڪاروباري ماڻهن لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪيون پيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *