اويس مظفر، ثاقب سومرو ۽ بابر غوري جو رڪارڊ برطانيه حوالي

ڪراچي (م.ڊ) نيب اختيارين ڪرپشن جي ڪيس ۾ گهربل لنڊن ۾ موجود پيپلز پارٽي جي اڳوڻن وزيرن اويس مظفر ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ايم اين اي بابر غوري جو رڪارڊ برطانوي اختيارين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب برطانوي حڪومت گذريل هفتي نيب اختيارين کان عمران فاروق قتل ڪيس، ٽڊاپ ڪيس ۽ ايم ڪيو ايم مني لانڊرنگ ڪيس جي حوالي سان ملاقات ڪري رڪارڊ ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي ۽ لنڊن ۾ موجود جوابدارن جو رڪارڊ به گهريو هو. ان لاءِ نيب اختيارين ڪرپشن جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جو رڪارڊ برطانوي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي مڪاني کاتن واري وزير اويس مظفر ٽپي،  ۽ اڳوڻي ايڊمنسٽريٽرثاقب سومرو جي ڪيس جو رڪارڊ فراهم ڪيو ويو آهي جڏهن ته نيب اختيارين برطانوي اختيارين کي اڳوڻي ايم ڪيو ايم سينيٽر بابر غوري جي جاچ کان به آگاهه ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *