اسلام آباد مان آيل نيپرا جي جاچ ٽيم ڪي اليڪٽرڪ کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو، ماڻهو گرمي سبب فوت ٿيا: رپورٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسلام آباد مان آيل نيپرا جي جاچ ٽيم ڪي اليڪٽرڪ کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو، ماڻهو گرمي سبب فوت ٿيا، وزير اعظم پاران مقرر ڪيل تحقيقاتي ٽيم جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي موت جي ذميوار ڪي اليڪٽر ناهي، ماڻهو گرمي ۽ ماحولياتي تبديلين جي ڪري فوت ٿيا، ڪراچي جي ٻن ڏينهن جي دوري دوران نيپرا جي جاچ ٽيم جاچ مڪمل ڪري ورتي، رپورٽ اڄ وزير اعظم نواز شريف کي پيش ڪئي ويندي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فوت ٿيندڙن مان گهڻو تعداد انهن ماڻهن جو هو جيڪي گهرن کان ٻاهر هئا، فوتگيون لوڊشيڊنگ سان نه پر گرمي ۾ اضافي سبب هيٽ اسٽروڪ سان ٿيون، بجلي جي گهرج ۽ فراهمي ۾ گهٽتائي جي ذميواري ڪي اليڪٽرڪ تي وڌي وئي، ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه ٽيم کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ لوشيڊنگ ۾ اضآفو بجلي جي گهرج وڌڻ سبب ٿئي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *