بالي ووڊ هدايتڪار ڪرن جوهر جو انڊسٽري جي نئين اداڪارا عاليه ڀٽ سان قرب وڌي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ هدايتڪار ڪرن جوهر انڊسٽري جي نئين اداڪارا عاليه ڀٽ سان قرب وڌي ويو آهي، ان ڳالهه جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هدايتڪار پنهنجي نئين فلم ۾ پهرين ڪترينا ڪيف کي فائنل ڪيو هو پر بعد ۾ فيصلو مٽائيندي ڀٽ خاندان جي عاليه کي ڪاسٽ ڪري ورتو ۽ چيو ته هو ڪردار ۾ فٽ بيهي ٿي، هوڏانهن عاليه رابطو ڪرڻ تي ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته هن اسڪرپٽ پڙهيو آهي ۽ هن کي وڻيو به آهي. واضح رهي ته عاليه ڀٽ سان ان فلم ۾ ٽي نوان اداڪار پڻ نظر ايندا، جڏهن ته عاليه هن وقت ڪپور اينڊ سنز جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *