اڳوڻن  ڪپتانن جاويد ميانداد ۽ وسيم اڪرم پاڪ -ڀارت ڪرڪيٽ سيريز جي بحالي جي ڀرپور نموني حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد( اسپورٽس نيوز )پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻن  ڪپتانن جاويد ميانداد ۽ وسيم اڪرم پاڪ -ڀارت ڪرڪيٽ سيريز جي بحالي جي ڀرپور نموني حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته گنگولي ۽  بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري انوراگ ٺاڪر جي تازي بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، ٺاڪر پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اسان جي قوم جو امن ۽ سلامتي خطري ۾ ٿيڻ جي صورت ۾ ڪرڪيٽ نه ٿي کيڏي سگهجي، ڪرڪيٽ کيڏڻ مختلف ڳالهه آهي پر اسان جي اندروني سيڪيورٽي انتهائي اهم آهي، سندس اهڙي بيان تي جاويد ميانداد چيو ته اسان جا رانديگر به ڀارت ۾ انڊين ٽيم خلاف کيڏندي غير محفوظ ۽ بي چيني محسوس ڪن ٿا پر ان کانپوءِ به  اسان هميشه هاڪاري ردعمل ڏيکاريو ۽ ڀارت ۾ کيڏڻ لاءِ تيار رهياسين، عظيم بيٽسمين جاويد ميانداد چيو ڪيترين ئي عالمي ٽيمن گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪستان خلاف سيريز کيڏي پر هڪ بي سي سي آءِ عهديدار جو اهو بيان ٻاراڻو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي ۽ ڪرڪيٽ لاڳاپن کي ڪو  فائدو نه پهچندو، ننڍي کنڊ جي ماڻهن لاءِ پاڪ -ڀارت سيريز ضروري آهي، جڏهن ته مان ان کي ايشز کان به وڏي سيريز قرار ڏيندس ۽ اها سيريز ضرور ٿيڻ گهرجي، ميانداد اميد ظاهر ڪئي ته انتهائي اعليٰ سطح تي ڀارتي اختيارين جي مداخلت سان اهو معاملو حل ٿي سگهي ٿو، هوڏانهن وسيم اڪرم اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سارو گنگوليءَ جي ان بيان ته دهشتگردي ۽ ڪرڪيٽ گڏ نه ٿيون هلي سگهن تي سخت مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته گنگولي جو اهڙو بيان هن جي واتان نه ٿو ٺهي، هن چيو ته سياست ۽ ڪرڪيٽ کي الڳ ڪيو وڃي ۽ پاڪ – ڀارت ڪرڪيٽ بحالي سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ وڇوٽيون به ختم ٿي سگهن ٿيون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *