پاڪستاني ڳائڻي عدنان سميع خان جي درخواست ڀارتي گهرو وزارت قبولي ورتي

ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور ڪلاسيڪل ڳائڻي عدنان سميع خان جي درخواست ڀارتي گهرو وزارت پاران قبول ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته کيس انساني بنيادن تي ڀارت ۾ رهڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن بعد ڀارتي گهرو وزير ڪرن رجو لوڪ سڀا کي آگاهه ڪيو ته پاڪستاني ڳائڻي عدنان سميع کي فاريئن ايڪٽ جي سيڪشن 3 تحت انساني حقن جي بنياد تي کيس اڻڄاتل مدي تائين ڀارت ۾ رهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، گهرو وزير چيو ته قانون تحت عوام کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪرڻ لازمي هو تنهن ڪري لوڪ سڀا ۾ عوامي نمائندن آڏو ٻڌايو پيو وڃي. واضح رهي ته عدنان سميع خان پهريون ڀيرو مارچ 2001ع ۾ ڀارت ۾ وزٽ ويزا تي ويو هو جنهن بعد سندس ويزا ۾ وقت به وقت وڌاءَ ڪيو ويو، سندس آخري ڀيرو پاسپورٽ 2010ع ۾ جاري ٿيو جنهن کان پوءِ سندس پاسپورٽ مئي 2015ع ۾ ختم ٿي ويو هو، جنهن بعد پاڪستان حڪومت کيس نئون پاسپورٽ نه ٺاهي ڏنو ۽ کيس چيو ويو ته ڀارت ۾ انسانيت جي بنياد تي رهڻ جي گهر ڪري جنهن کان پوءِ سندس درخواست مڃي وئي آهي ۽ هاڻي هو اڻڄاتل مدي تائين ڀارت ۾ رهي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *