اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم سان مانچسٽر ايئرپورٽ عملي خراب ورتاءُ ، بدتميري

 

لنڊن (اسپورٽس نيوز)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم سان مانچسٽر ايئرپورٽ عملي خراب ورتاءُ ڪيو، جنهن تي سوئنگ جي سلطان افسوس جو اظهار ڪيو آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وسيم اڪرم چيو ته مان سڄي دنيا ۾ سفر ڪندو آهيان ۽ شگر جي انسولين گڏ کڻندو آهيان پر مانچسٽر ايئرپورٽ عملي ماڻهن جي سامهون مون سان بدتميزي ڪئي ۽ انسولين باضابطا طور پائوچ مان ٻاهر ڪڍڻ جو چيو، مون کي چيو ويو ته انسولين ڪولڊ باڪس مان ڪڍي پلاسٽڪ بيگ ۾ رکو.سندس چوڻ هو مان اهو نٿو سمجان ته مون سان ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ مختلف ورتاءُ ڪيو وڃي، مان ان ڳالهه تي يقين ٿو رکان ته سڀني سان هڪ جهڙي ورتاءَ جو معيار بلند هجڻ گهرجي، سمجهان ٿو ته ايئرپورٽ تي مناسب سيڪيورٽي لاءِ قدم کنيا ويندا آهن پر ان جو مطلب آهي ته ڪنهن شخص جي تذليل ڪئي وڃي.وسيم اڪرم طرفان دانهن ڪرڻ کانپوءِ مانچسٽر ايئرپورٽ جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ سان اڳوڻي فاسٽ بالر کي جواب ڏنو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته اهو معاملو اسان جي علم ۾ آڻڻ جي مهرباني، ڇا توهان سڌي ريت ميسيج ڪري سگهو ٿا ته جيئن اسان معاملو حل ڪري سگهون؟ان جواب تي وسيم اڪرم فوري طور ايڪشن وٺڻ تي مانچسٽر ايئرپورٽ انتظاميا جا ٿورا مڃيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *