پراڻو دوست آئيني وانگر صاف هوندو آهي: انوپم کير

 

ممبئي( شوبز نيوز )بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار انوپم کير انيل ڪپور سان پنهنجي پراڻي تصوير سماجي رابطن واري ويب سائيٽ  انسٽاگرام تي شيئر ڪري ڇڏي.انوپم کير ۽ انيل ڪپور پراڻا ۽ بهترين دوست آهن، پنهنجي دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ انوپم کير انيل ڪپور سان پنهنجي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي، انوپم کير لکيو ته پراڻو دوست صاف آئيني وانگر هوندو آهي.سندس تصوير پرستارن جو دليون کٽي ورتيون آهن ۽ گڏوگڏ مداحن پاران سٺن لفظن ۾ ڪمنٽ پڻ ڪيا ويا.اها تصوير 1989ع ۾ ريليز  ٿيندڙ بالي ووڊ فلم پرندا جي سيٽ تي نڪتل آهي، ان فلم ۾ انيل ڪپور مک ڪردار جڏهن انوپم کير هڪ پوليس انسپڪٽر جو ڪردار ادا ڪيو هو. انکانسواءِ به ٻنهي ڪيئي مشهور فلمن ۾ گڏ ڪم ڪيو، جن ۾ رام لکن، تيزاب، جمائي راجا، ڪرما ۽ همارا دل آپ ڪي پاس هي، جهڙيون سپر هٽ فلمون شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *