ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم به گروپ بندي جي شڪار، ويرات ڪوهلي کي ڪپتاني تان هٽائڻ جو مطالبو

 

نئين دلي(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز دوري کان اڳ ئي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ خراب خبر اچي وئي، ڪپتان ويرات ڪوهلي خلاف ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اهم ترين رانديگر بغاوت ڪري ڇڏي ڪوهلي کي ڪپتاني تان هٽائڻ جو پڻ مطالبو ڪري ڇڏيو.ڀارتي نجي چينل گلف نيوز جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي ٽريم جلد ئي ويسٽ انڊيز جي دوري تي رواني ٿيڻ واري آهي جتي هو ٽنهي فارميٽ جي ڪرڪيٽ کيندي جڏهن ته ان دوري کان اڳ ئي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊريسنگ روم مان انتهائي خراب خبر منظرعام تي اچي وئي آهي جنهن سبب ڪرڪيٽ جي حلقن ۾ ڳڻتي جي لهر ڊوڙي وئي آهي.گلف نيوز دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ڀارتي ٽيم ۾ سڀ سٺو ناهي پر ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ اسٽار بيٽسمين روهت شرما وچ ۾ واضح ڏار پئجي ويو آهي، ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما وچ ۾ ڪافي وقت رساڪشي هلي رهي آهي ۽ ٻنهي رانديگرن وچ ۾ اها ويڙهه ورلڊ ڪپ دوران ئي شروع ٿي هئي هئي، انڊين  ٽيم مينيجمينٽ ورلڊڪپ ورلڊ ڪپ دوران ان خبر کي وڏي ڪوششن کانپوءِ دٻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي جڏهن ته ورلڊ ڪپ سيمي فائنل ۾ شڪست کانپوءِ اها خبر ڊريسنگ روم کان ٻاهر اچي وئي.ورلڊ ڪپ دوران ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ٻن واضح گروپن ۾ ورهائجي چڪي هئي، هڪ گروپ جي قيادت ويرات ڪوهلي ۽ ٻئئي گروپ کي روهت شرما ليڊ ڪري رهيو هو، روهت شرما گروپ جي رانديگرن کي ويرات ڪوهلي ۽ روي شاستري جا فيصلا خراب رکندا هئا، جيئن جيئن روهت شرما ورلڊ ڪپ ۾ سينچري هڻندو رهيو هو تيئن تيئن انهن جي ڪيمپ جي راءِ مضبوط ٿي  رهي هئي.گلف نيوز دعويٰ ڪندي چيو ته سيمي فائنل ۾ شڪست کانپوءِ روهت سرما جي گروپ ويرات ڪوهلي کي ڪپتاني تان هٽائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو جڏهن ته ڪجهه رانديگرن بي سي سي آءِ کي مشورو ڏنو ته ون ڊي ۽ ٽيسٽ فارميٽ لاءِ الڳ الڳ ڪپتان مقرر ڪيو وڃي جڏهن ته ڪجهه رانديگرن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کان مطالبو ڪيو ته ويرات ڪوهلي جي جاءِ تي روهت شرما کي ون ڊي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو وڃي جڏهن ته ويرات ڪوهلي کي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني ڏني وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *