ڀارت جي بچاءُ واري وزير جي بيان تي پاڪستان پاران حيرت جو اظهار

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي معاملن ۽ قومي سلامتي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته  ڀارتي  بچاءُ واري وزير منوهر پريڪر جي چيل هن جملي ته “ ڀارت دهشتگردي جي خلاف دهشتگردي استعمال ڪندو” گهڻي بيچيني جو اظهار ڪيو. سرتاج عزيز چيو ته  ڀارت جي بچاءُ واري وزير جي بيان پاڪستان اندر دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ بابت پاڪستان جي شڪن جي تصديق ڪري ڇڏي. سرتاج عزيز وڌيڪ چيو ته اهو پهريون ڀيروآهي ته ڪنهن  ملڪ جي  چونڊيل حڪومت جي وزير کليل ۽ واضع لفظن ۾ دهشتگردي روڪڻ جي بهاني سان  دهشتگردي جي استعمال جي ڳالهه ڪئي هجي. هن چيو ته پاڪستان مخلصاڻا طريقي سان پنهنجي پاڙيواري ملڪ سان بهتر لاڳاپن جي پاليسي  تي قائم آهي. پاڪستان جي وزيراعظم جي صلاحڪارجو اهو به چوڻ هو ته دهشتگردي ٻنهي ملڪن جو گڏيل مسئلو آهي ۽ ٻئي ملڪ گڏجي ئي ان مسئلي جو حل ڪڍي سگهن  ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *