اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي طبيعت اوچتو خراب، اسپتال منتقل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي طبيعت اوچتو خراب ٿي پئي، جنهن کي ڪراچي جي پي اين ايس شفا اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو.اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي طبعيت اوچتو خراب ٿيڻ سبب ڪراچي جي اسپتال پي اين ايس شفا منتقل ڪيو ويو، جتي سندس مختلف ٽيسٽون ڪيون ويون. پرويز مشرف جو بلڊ پريشر هاءِ ٿي ويو هو، جنهن سبب کيس چڪر اچي رهيا هئا، کيس اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو آهي.پرويز مشرف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف جي طبيعت بهتر آهي، بلڊر پريشر هاءِ ٿي ويو آهي، طبعيت بابت ڪا به پريشاني جهڙي ڳالهه نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *